( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) ڪنڌڪوٽ جي يو آءِ جي اميدوارن جو اين اي 191 تي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو، شاھزين خان بجاراڻي، پي ايس 5 تي مولانا راشد محمود سومرو جو فارم بحال ٿي ويو جاچ پڙتال بعد فارم بحال ٿيڻ بعد آر او آفيس آڏو مولانا راشد محمود سومرو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته جي يو آءِ پاران ڪراچي کان ڪشمور تائين ھر تڪ تي اميدوار بيھاريا ویندا سنڌ جا سياستدان جعميت علماء اسلام ف ۾ شامل ٿي رھيا آهن ڪشمور جي اين اي تي جي يو آءِ جو شاھزين خان بجاراڻي ۽ شڪارپور جي تعلقي خانپور جي سياسي خاندان جتوئي برادري ڊاڪٽر سردار ابراھيم جتوئي، سردار عابد جتوئي، پنوعاقل مان سردار حاجي پپو خان چاچڙ سميت ڪيتريون سياسي شخصيتون شامل ٿيون آهن سنڌ ۾ جي يو آءِ سڀ کان وڏي سياسي جماعت آهي اسان ڪڏھن به ڪنهن سردار، برادري جي معززين خلاف نه رھيا آيون ھاڻي اليڪشن ۾ مينڊيٽ چوري ٿيڻ نه ڏينداسي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جي پويان اڳوڻن ايم پي ايز، ايم اين اي جو ھٿ آهي ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ جتي پوليس ۽ رينجرس ڏوھارين تائين نه ٿا پھچي سگھن اتي ڪچي جي 13 پولنگن تي ھزارين ووٽ جيڪا صرف پي پي جي اميدوار کي ملن ٿا پر ڪتاب کي ھڪ به ووٽ نه ٿو ملي جنهن مان ظاھر آهي ته ڏوھارين جا سرپرست اڳوڻا عوامي نمائندا ھي ڏوھارين جا ساٿاري آهن ستر سال کان وٺي سنڌ کي لٽيو ۽ تباھ ڪيو ويو آهي ھاڻي ائين ٿيڻ نه ڏينداسي مقابلا ته اسان کي ورھاست ۾ مليل آهن منهنجو ڏاڏو ذوالفقار ڀٽو سان اليڪشن وڙھندو ھو منهنجو بابا بينظير ڀٽو ۽ آئون بلاول ڀٽو زرداري سان مقابلو ڪندس انھي کان علاوہ پنج تڪن تي فارم جمع ڪرايا آهن ھڪ تڪ تي به اميدوار ٿيندس اسان پاران ڪنهن به مخالف اميدوار خلاف اعتراض داخل نه ڪرايا آهن جنهن ڪري مخالفن جا فارم منٽن ۾ بحال ٿي وڃن ٿا اليڪشن کان اڳ خوف ورتل مخالف اميدوار جي يو آءِ جي اميدوارن جي مٿان اعتراض داخل ڪن ٿا اسان ھنن کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته اچو اليڪشن جو ميدان ۾ مقابلو ڪيو ته اوھان کي خبر پوي ھاڻي ڪنهن قسم جي ڪا به ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏينداسي جيڪڏهن ڪا ڌانڌلي ٿي ته اسان وزير اعليٰ سنڌ جي ھائوس جو گھيراءُ ڪنداسي ڪنهن به چور دروازي کان آيل ايم پي اي کي قسم کڻڻ به نه ڏينداسي،