تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ جي ڪچي مان شروع ٿيل ساوند سندراڻي تڪرار انساني جانيون ڳڙڪائڻ لڳو آھي خوني تڪرار گھٽ ٿيڻ جي بجاء ويتر تيز ٿي ويو گهوٽڪي ڀرسان آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ رئيس يار محمد ساوند ۾ سندراڻي برادري جي 20 کان وڌيڪ هٿياربندن گهر تي چڙھائي ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 40 سالا ٻيلو ساوند ولد ناٿُو خان ساوند ٿڏي تي ئي مارجي ويو جڏهن ته هڪ عورت، ۽ هڪ نينگري سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا فائرنگ ۾ مقتول جي گهر ۾ بيٺل 3 مينهون پڻ گوليون لڳڻ سبب مارجي ويون واقعي بعد مقتول جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال گهوٽڪي آندو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ زخمين کي علاج لاء سکر نيو ويو، قهري ڪاروائي بعد جوابدار با آساني فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي آندل سندراڻي پوليس جو چوڻ هو ته واقعو ساوند سندراڻي تڪرار تان پيش آيو آھي، جوابدار فرار ٿي ويا آھن، مقتول ٻيلو ساوند جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام ۾ مچي ويو،
ڪنڌڪوٽ جي ڪچي مان ڪارنهن جي معاملي تان شروع ٿيل ساوند سندراڻي تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 28 ڄڻا مارجي چڪا آھن جڏهن ته چاليهه کان وڌيڪ پڻ زخمي ٿي چڪا آھن، ساوند سندراڻي تڪرار ۾ ملڪ برادري جي ٽن مهمانن سميت ٻين قبيلن جا چار ماڻهون پڻ مارجي چڪا آھن ۽ پنج کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آھن ساوند سندراڻي تڪرار سبب ٻنهي ڌرين جي ماڻهن جو ڪاروبار ٺپ تي ويو آھي معصوم ٻارڙن جي تعليم تباهه ٿي وئي آھي اسڪول ۽ اوطاقون ويران ٿي ويون آھن ڌرين جا ماڻهون هر وقت پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ مورچابند ٿي ويٺل آھن، قيميتي انساني جانيون ذيان ٿيڻ جي باوجود ڪو به هن تڪرار جي خاتمي لاء ڪوششون نه پيو ڪري جنهن سبب هي رت جي راند جاري آھي