ڪنڌڪوٽ شهر بدامني جي ور چڙهي ويو ھر آئي ڏينهن ڏوھارين ھٿان نوجوان يرغمال ڦر لٽ مزاحمت تي ھٿيارن جا بٽ ھڻي زخمي ڪري ھٿياربندن آساني سان فرار

ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد گوليمار ويجھو نامعلوم هٿياربندن ھٿيارن جي زور تي حسن ملڪ کي يرغمال بڻائي سي ڊي موٽرسائيڪل سميت ٻيو قيمتي سامان ڦر نوجوان جي مزاحمت تي ھٿيارن جي بٽ ھڻي زخمي ڪري ھٿياربندن آساني سان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا حسن علي ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان ائي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي صاحب کي اپيل ڪجي ٿو ته فل فور نوٽيس وٺي منھنجي موٽرسائيڪل ء ٻيو سامان ريڪور ڪرائي ڏنو وڃي نه ته ٻيءَ صورت ۾ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رھندا سين