ڪنڌڪوٽ شهر ۾ صوفي فقير بابا امن بھادر جو 18 ساليانو عرس مبارڪ تياريون عرس جي اڳواڻي فقير جيپال داس شوڪت علي اميد علي بنگوار جاني بلوچ واجد علي سبزوئي ۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي هنن جو چوڻ هو ته هي عرس مبارڪ هر سال ملهايو ويندو آهي جنهن ۾ پري پري کان پانديئڙا ايندا آهن هن چيو ته عرس ۾ صوفي فنڪارن سڌير سنڌي ساگر چنو منصور بلوچ سليمان سبزوئي صالح الدين جعفري پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا امن بھادر فقير جي گادي نشين فقير مراد بلوچ جو چوڻ هو ته ٻيءَ ڌمال اڄ شام فقير بابا امن بھادر جي ٿيندي جنهن ۾ چادر پوشي ڪئي ويندي جڏهن ته عرس مبارڪ 3 ڏينهن هلندو جنهن بعد دعا خير ٿيندي جڏهن ته عرس دوران لنگر نياز جو پڻ بندوبست پڻ ڪيو ويو آهي