ڪنڌڪوٽ شهيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءَ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو سکر پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي

تفصيل موجب پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ پاران شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءَ ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ھيو ويو سکر پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي مظاھري جي اڳواڻي پي ايف يو جي ضلعي صدر علي حسن ملڪ ڪئي جنھن ۾ صحافين وڏي انگ شرڪت جنهن ۾ غلام ياسين اوڳاھي حيفظ ملڪ ممتاز ملڪ جاويد احمد ملڪ رشيد احمد سومروعلي شير ملڪ نادر علي شيخ عبدالفھيم چاچڙ ديدار علي سمون جمال الدين چاچڙ شھزادو ملڪ محمد بخش شيخ فرمان علي لوھر ء ٻين ڪئي سکر پوليس کان مطالبو ڪندي چيو ته شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي نه ٻئي صورت ۾ احتجاجي جو دائرو وڌايو ويندو قاتلن کي جلد گرفتار ڪري صحافين ۽ شھيد جي وارٽن ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي