ڪنڌڪوٽ شهيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءَ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ۽ سکر پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي

تفصيل موجب پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ پاران شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءَ ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي سکر پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ڌرڻي جي اڳواڻي پي ايف يو جي ضلعي صدر علي حسن ملڪ ڪئي جنھن ۾ صحافين وڏي انگ شرڪت جنهن ۾ غلام ياسين اوڳاھي غلام ياسين لاشاري نصيراحمد منگي حضور بخش منگي حيفظ ملڪ عبدالخالق چاچڙ ممتاز ملڪ جاويد احمد ملڪ نادر علي شيخ عبدالفھيم چاچڙ نصرالله چنه ديدار علي سمون جمال الدين چاچڙ شھزادو ملڪ محمد بخش شيخ وقار احمد اعواڻ فرمان علي لوهار ڪئي سکر پوليس کان مطالبو ڪندي چيو ته شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي نه ٻئي صورت ۾ احتجاجي جو دائرو وڌايو ويندو