ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ اغوا انڊسٽري ڪر کنيل، ڌاڙيلن ھٿان پورھيت اغوا، مغوي جي گھر ۾ روج راڙو ڪھرام متل ، بازيابي جو مطالبو خبر موجب ڪنڌڪوٽ ڳوٺ محمد مراد ملڪ جو رھواسي پورھيت پلمبر ظھير احمد ملڪ کي موٽر پمپ ٺاھڻ جي بھاني مانجهي پل واري علائقي ۾ دوکي سان گھرايو ھو، ھٿيارن جي زور تي پورھيت ظھير ملڪ کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا، اغوا واقعي جو اطلاع حد جي ٿاڻي تي ڏنو ويو، اطلاع ملڻ جي باوجود پوليس نوجوان جي بازيابي لاء ڪک ڀڄي ٻيڻو نہ ڪيو، مغوي جي گھر ۾ بيچيني روج راڙو ڪھرام متل، مغوي جي وارثن سئوٽ غلام قادر ملڪ، ڀاء رفيق احمد ملڪ، غلام نبي ملڪ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ ڪالھ تنگواڻي واري پاسي کان پاڻي وارو موٽر پمپ ٺاھڻ جي لاء بھاني سان فون ڪري گھرايو، ڪالھ 2 بجي منجهند کان وٺي نوجوان جو موبائل فون نمبر بند اچن جنھن نمبر تان ھن کي ڪال ڪئي وئي اھو نمبر بند پيو اچي، انھن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته اسين غريب مسڪين مزدوري ڪري پيٽ جو سفر گذر ڪندا آھيون، اسان جو نوجوان کي ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آھن، اغوا واقعي جو نوٽيس وٺي مغوي ظھير ملڪ کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي، اسان جي گھرن ۾ ڇانيل بيچيني کي ختم ڪيو وڃي