تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ عيد گاھ محلي جي ڄام سونهارو پنهور جي گهر کي اوچتو باھ لڳي وئي اھڙو اطلاع فائر برگيڊ عملي کي ڏنو ويو پر فائر برگيڊ عملي واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهيو باھ لڳڻ سبب گهر م پيل نياڻي جو ڏاج ٽي لک روڪ رقم سوني منڊي هنڌان کٽون گهر جو ٻيو سڄو سامان سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته ته محلي واسين جي ڪوشش سان ٻين گهرن کي نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي هوڏانهن متاثر ڄام سونهارو پنهور جو چوڻ آهي ته منهنجي گھر کي اوچتو باهه لڳي وئي هڪڙو ڪمرو هو اهو به ڪري پيو باھ لڳڻ سبب نياڻي جو ڏاج ٽي لک روڪ رقم سوني منڊي هنڌان کٽون ٻيو سامان سڙي ويو آهي گهر م پيل قرآن پاڪ به شهيد ٿي ويو آهي هن وقت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيان منهنجي مالي مدد ڪئي وڃي