ڪنڌڪوٽ غوثپورشھر ويجھو تنگواني شاخ ڀر سان انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرالر جو چنگچي رڪشا کي زوردار ٽڪر ٿيو آهي

ڪنڌڪوٽ غوثپورشھر ويجھو تنگواني شاخ ڀر سان انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرالر جو چنگچي رڪشا کي زوردار ٽڪر ٿيو آهي ۔ ٽڪر لڳڻ سبب سنڌ ڍوري واري علائقي جو رهواسي چنگچي رڪشا ۾ سوار انضمام الحق ڀيو ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو۔ جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور ٽرالر ڇڏي وجھ وٺي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو۔ جڏهن ته آسپاس جي ڳوٺاڻن پاران اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ته واقعي واري هنڌ پوليس پهچي فوتي جي مڙه کي غوثپور رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو جٿي نوجوان جي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي۔ اهڙو اطلاع روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل جي گهر ۾ پيو ته سندن جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ٻئي پاسي حد جي پوليس ٽرالر پنهنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي ۔ پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري ۽ ڌنڌ سبب پيش آيو آهي