(رپورٽر عبدالخالق چاچڙ)ڪنڌڪوٽ غوثپور شھر ڀرسان ڳوٺ احمد علي اوڳاھي جي پرائمري اسڪول ۾ ھڪ سال کان ماستر نه ھجڻ سبب 100 کان وڌيڪ ٻارڙن جو مستقبل تباھ ٿيڻ لڳو۔ تعليم کاتو اگھور ننڊ ۾۔ وڌيڪ مليل تفصيل موجب ڳوٺ احمد علي اوڳاھي جي پرائمري اسڪول جي تعليم گذريل ھڪ سال کان تباھي جي ڪناري تي پھتل آھي۔ اسڪول ۾ تعليم کاتي ڪشمور کيس نڌڻڪو بڻائي ڇڏيو آھي۔ اسڪول ۾ گذريل ھڪ سال کان پرائمري ماستر جي پوسٽنگ نه ٿيڻ سبب ھڪ سٺ کان وڌيڪ معصوم ٻارڙن جو پورو سال ضايع ٿي ويو اي ڊي اين نيوز طرفان شڪايت ملڻ تي ڳوٺ جي چڱي مڙس عبدالعزيز اوڳاھي صحافين کي دانھيندي چيو ته گذريل ھڪ سال کان اسڪول بغير استاد جي ھلي ٿو۔ ٻارن جو مستقبل تباھ ٿئي پيو۔ ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي اعلا اختيارن وٽ شڪايتون ڪيون آھن پر ڪير به توجه نٿو ڏي۔ اسڪول جي وزٽ تي آيل جج صاحبن کي به نوٽيس ۾ آندوسي ھرڪو سکڻا دلاسا ڏيئي ھليو وڃي ٿو۔ آخر اسان جي معصوم ٻارڙن جو ڪھڙو قصور آھي جو انھن کي تعليم جي بنيادي حق کان محروم ڪيو پيو وڃي۔ ھن نگران سنڌ حڪومت ۽ ڊي سي ڪشمور کان ھن اسڪول معاملي جو فوري نوٽيس وٺي معاملي کي جلدي حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو