ڪنڌڪوٽ قتل ٿيل راؤنتي جي صحافي محمد بچل گھنڃو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب ۽ يونين آف جرنلسٽس جي طرفان ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي صحافين احتجاجي مظاھرو ڪيو مظاھرين قاتلن جي گرفتاري، صحافين سان انصاف جي حوالي سان سخت نعري بازي ڪندي صدر پيربخش بنگوار، جنرل سيڪريٽري راجا گوپي چند، يونين آف جرنلسٽس جي صدر علي حسن ملڪ، حضور بخش منگي، حفظ ملڪ، نصير منگي، غلام ياسين اوڳاھي، غفار منگي، فقير گوڪل داس، احمد علي مغل، عبدالخالق چاچڙ فخر بلوچ غلام عباس ھاشمي، مير علي اڪبر بنگوار، قدرت اللّٰه میراڻي، ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ صحافت ڪرڻ مشڪل بڻي ويو آهي سنڌ ۾ سردار، ڀوتارڪي نظام ۾ صحافي حق سچ لکن ٿا ته راھ کان ھٽائڻ لاءِ شھيد ڪيو وڃي ٿو ھڪ سال اندر سنڌ اندر ڪيترائي صحافي قتل ڪيا ويا پر سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي جنهن ڪري ھاڻي صحافي وڌيڪ ظالمن جي نشاني تي آهن ملڪ جي واڳ ڌڻين سميت وس وارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته فوري شھيد صحافين جا قاتل گرفتار ڪري صحافين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي،