ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ نواب خان سنجراڻي تي ڪنڌ ڪوٽ تعلقي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جو جي يو آء جي ڪارڪنن ۽ ووٽرن جي گهرن مٿان بنا جواز چڙهائي اٺ ڍور روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان سميت پنج ووٽرن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو جي يو آء سنڌ جي دلير اڳواڻ راشد محمود سومرو کي مالڪي ڪرڻ جي اپيل. جمعيت جي ڪارڪنن غلام نبي سبزوئي مولوي عبدالواحد سبزوئي حافظ عبدالرزاق سبزوئي عبدالجبار سبزوئي معصوم ٻارڙن سميت احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان مٿان پ پ جي چونڊيل عيوضي جي چرچ تي پوليس چڙهائي ڪري اسان جي گهرن مٿان بنا جواز ڌاڙيلن جيان گهڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري اسان جا پنجن ڄڻا غلام مصطفي سبزوئي غلام قادر سبزوئي غلام اصغر هزار خان سبزوئي ۽ غلام محمد سبزوئي کي گرفتار ڪري تشدد ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسان گذريل عام چونڊن ۾ پ پ جي مخالفت ۾ جمعيت جي اميدوار کي ووٽ ۽ سپورٽ ڪيوسين جنهن جي ڪري اسان کي سياسي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي اسين پنهنجي دلير اڳوڻ ڀائو راشد محمود سومرو سميت جمعيت جي اعلي قيادت ۽ ملڪ جي واڳ ڌڻين کي هٿ ٻڌي اپيل ڪريون ٿا ته اسان شريف شهري آهيون اسان جو ڪنهن به ڏوهي ڪارواين ۾ ڪو به فرد ملوث نه آهي اسان جي خلاف ضلعي جي ڪنهن به ٿاڻي تي ڪابه اين سي داخل نه آهي ۽ پوليس پاران صاف شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي جيڪڏهن اسان جو ڪو ڏوه هجي ته اسان کي سزا ڏني وڃي