ڪنڌڪوٽ لڳ نامعلوم هٿياربندن جو موٽر سائيڪل سوار عبدالرسول گولو کي هٿياربند هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا

مليل ڄاڻ موجب ته ڪنڌڪوٽ لڳ گهوڙا گهٽ ٿاڻي جي حد ڀنر وٽ نامعلوم هٿياربندن جو موٽر سائيڪل سوار عبدالرسول عرف شينهن گولو کي هٿياربند هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهي آهي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي اغوا ٿي ويل نوجوان عبدالرسول عرف شينهن گولو جو چاچو صاحب خان گولو ٻڌايو ته اسان جي نوجوان عبدالرسول گولو جيڪو ڪنڌڪوٽ کان ڳوٺ ملان جيوڻ ڏانهن اچي رهيو هو تہ سندراڻي برادري جي هٿياربندن موٽرسائيڪل سميت اغوا ڪري ويا آهن پولیس کي پڻ اطلاع ڏنو ويو آهي پر پولیس نه پهتي آهي جيڪو به نقصان ٿيو هن جو ذميوار پولیس هوندي ٻئي طرف ذريعن موجب ته ڪنهن به وقت سندراڻي ء گولا برادري جي ٻن ڌرين م جهيڙو جو امڪان وڌي سگهي ٿو