تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ مائي مسجد وٽ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ آمھون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي فوري مقامي ماڻهن سول اسپتال کڻائي آندو آهي فوتين ۾ ڳوٺ رسول آباد تنگواڻي واسي اياز احمد ميراڻي ۽ ھڪ نوجوان جنهن جي سڃاڻپ ناھي ٿي ٻڌايو پيو وڃي لاشاري آهي فوت جي وارثن ۾ روڄ راڙو متل مقتول جو لاش گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو