ڪنڌڪوٽ لڳ ڪچي جي علائقي جنگڻ ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ گل بئگ جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻي جي واري ۽ زمين جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو۔

جھيڙي دوران فائيرنگ ۾ ويھن ورھين جو ڌنار زاھد پٽ نھال جاگيراني گوليون لڳڻ سبب موقعي مارجي ويو۔ واقعي بعد ٻنھي ڌرين جي ھٿياربندن ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيار جا منھن کولي ڇڏيا آھن۔ جھيڙي دوران فائيرنگ ۾ شمعو جاگيراڻي جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع به مليا آھن۔ لاش واقعي واري ھنڌ اڃان تائين پيل آھي ۽ جنگڻ ٿاڻي جي پوليس نه پھتي آھي فائيرنگ سبب علائقو ميدان جنگ بڻيل آھي ۽ ماڻھو خوف سبب گھرن تائين محدود ٿي ويا آھن۔ جھيڙيندڙ ڌريون پاڻ ۾ سئوٽ آھن۔