ڪنڌڪوٽ مبينا ڌانڌلين خلاف جي يو آء ۽ قوم پرست تنظيمن طرفان ڪنڌڪوٽ باء باس بند ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو

ڪنڌڪوٽ مبينا ڌانڌلين خلاف جي يو آء ۽ قوم پرست تنظيمن طرفان ڪنڌڪوٽ باء باس بند ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو آهي روڊ بلاڪ ھجڻ سبب سنڌ پنجاب بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بلاڪ ٿي وئي آهي ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻن حافظ سعيد احمد چاچڙ۔ مولوي شمس دين ڀيري۔ جمال دين اوڳاھي خان محمد ملڪ۔ دلمراد ڏاھاڻي۔ شاھنواز مرھيٽو اسد الله اوڳاھي ۽ ٻين چيو 8 فيبروري اليڪشن نه پر سليڪشن ھئي ۽ عوام جي ووٽ سان دوکو ڪيو ويو آهي سنڌ ۽ پوري پاڪستان سميت ڌانڌلي نه بلڪي ڌانڌلو ڪيو ويو ھو اسان جي کٽيل اميدوارن کي ھٿ سان ھاريو ويو آهي پاڪستان جي تاريخ اندر اسين اھڙي اليڪشن نه ڏٺي سون ھنن وڌيڪ چيو ڇا ڪنڌڪوٽ جو شعور ڪچي طرف آهي ڇا 13 پولنگن تي ڏھ ھزارکان وڌيڪ ووٽ ڏنا ويا ڇا شھر شعور ختم ٿي چڪو آهي ۽ اسان جي قومي ۽ صوبائي تڪن تي پولنگ آفيسر ويھي پ پ پاران حڪم تي انهن تير تي ٺپا ھنيا ويا