ڪنڌڪوٽ: ميڊيڪل اسٽور تان لڳاتار ڦرن خلاف احتجاج جو اعلان

ڪنڌڪوٽ شھر جي پراڻي سبزي منڊي ڀرسان شو سروپ ميڊيڪل اسٽور تان نامعوم ھٿياربندن ميڊيڪل مالڪ بيشم لال کان ھٿيارن جي زور تي لکين روپيا ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا اھڙي واقعي خلاف ميڊيڪل ايسوسئيشن طرفان جنرل سيڪريٽري ڪئلاش ڪمار ٿوراڻي. بيشم لال۔ چندر لال ۔ رابندر ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن شھر جي مختلف ميڊيڪل اسٽور مالڪن وڏي انگ ۾ شريڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ سڀاڻي ميڊيڪل اسٽور بند ڪري احتجاجي مظاھرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ان سلسي ۾ ميڊيڪل مالڪ بيشم لال صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اڳ ۾ ٽي ڀيرا مون کان ميڊيڪل اسٽور تان ڦر ڪئي وئي ۽ ھاڻي چوٿون ڀيرو ٻيھر مون کان لکين روپيا ڦر ۽ ٽي موبائيل فونون ڦر ڪري با آساني فرار ٿي ويا آهن پوليس اڃان تائين ڪجهه به ناھي ڪيو اسين غير محفوظ ٿي ويا آھيون ھتي ڏوھاري راڄ آهي ڪو به ماڻهوَ محفوظ ناھي اسين مطالبو ٿا ڪريون جلد ڦر واپس ڪرائي وڃي جيسي تائين ڦر واپس نه ٿيندي تيستائين تائين احتجاج جاري رھندو .