ڪنڌڪوٽ: ٽي ڏينهن کان گم معصوم ٻارڙي محمد رافع ملڪ جي ڳولا جاري، والدين غم جي ڪيفيت ۾ مبتلا

ڪنڌڪوٽ شھر مان معصوم محمد رافع ملڪ پُراسرار نموني گم ٿيڻ کي ٽي ڏينهن گذرڻ جي باوجود ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگھيو معصوم جي گهر م انتھائي ڏک جو ماحول والدين روئي روئي بي حال ٿي پيو آل پارٽيز موومينٽ، شھري اتحاد جي اڳواڻن جو وفد ملڪ برادري جي سردار لياقت علي خان ملڪ سان ملاقات ڪري ھر مڪمل ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريون معصوم ٻالڪ جو والد راحب ملڪ روئي ھٿ ٻڌي معصوم کي ڳولڻ جي مدد گھرندو رھيو پوليس انتظاميا کان به مدد گھرندو رھيو جڏهن ته ٽن سالن جي معصوم گلن جهڙو ٻارڙي جي امڙ کي بيهوشي جا وقفي وقفي سان پئجي رهيا هئا کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو ء سندس بيمار ٿي پئي آهي