ڪنڌڪوٽ: ٽي ھفتا اڳ غوثپور ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وي تي انڙ واھ واري علائقي ۾ اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينه اغوا ٿيل ڪشمور واسي ٽرڪ ڊرائيور عبدالوحيد کوسو ۽ ڪلينر خليل احمد کوسو کي ڪشمور پوليس دراني مھر جي ڪچي واري علائقي مان مبينه مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آھي

پوليس ذريعن ٻڌايو ته دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ اسانجو روپوش ڏوھارين ۽ اغواڪارن خلاف ڪيترن ئي ڏينھن کان ٽارگيٽيڊ آپريشن ھلي رھيو آھي جنھن ۾ اڄ به دراني مھر واري علائقي ۾ آپريشن ڪري پنجويھ ڏينھن اڳ مئن انڊس ھاوي تان اغوا ڪيل ٽرڪ ڊرائيور عبدالوحيد کوسو ۽ سندس ساٿي ڪلينر خليل کوسو کي مبينه مقابلي بعد بازياب ڪرائي ورتو آھي۔ ٻئي پاسي مغوين کي پڇا ڳاڇا لا۽ ايس ايس پي ڪشمور آفيس روانو ڪيو ويو۔جٿي کانئن پڇا ڳاڇا بعد کين وارثن حوالي ڪيو ويندو۔ ھوڏانھن اھڙي خبر پوڻ تي سندن گھرن ۾ خوشي جي لھر پکڙجي ويئي