ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب آڏو گھوٽڪي شھر ۾ سندراڻي برادري جي ھٿان بي گناھ قتل ڪيل اصغر علي ٿھيم جي قاتلن جي گرفتاري لاء سندس امڙ ريشما خاتون ٿھيم پريس ڪلب پھچي دانھيدي چيو آهي

ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب آڏو گھوٽڪي شھر ۾ سندراڻي برادري جي ھٿان بي گناھ قتل ڪيل اصغر علي ٿھيم جي قاتلن جي گرفتاري لاء سندس امڙ ريشما خاتون ٿھيم پريس ڪلب پھچي دانھيدي چيو آهي ته سندراڻي برادري جي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ھن چيو ته آءُ غريب مسڪين آهيان منهنجي فرياد الله جي ڌر وٽ آهي اھو ضرور انصاف ڪندو، ھن چيو ته ڪيترائي ميھنا گذري چڪا آهن پر پوليس اڃا تائين پٽ جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي ، ھن چيف جسٽس پاڪستان، وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي مطالبو ڪيان ٿي ته سندراڻي برادري جي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي