ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب ويجهو ڪريانه اسٽور تان ڦر جي واردات ڪندڙ ھڪ ڏوھاري کي پوليس پاران پڪڙڻ جي دعوا ان سلسلي ۾ ون فائيو انچارج راجہ صوبو بنگوار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ڪريانه اسٽور جي دڪان تان ٻه ڦورو ڦر ڪري فرار ٿي رھيا ھئا ته اھڙو اطلاع ون فائيو جي ٽيم کي ڏنو ويو ون فائيو جي ٽيم بروقت پھچي ھڪ ڦورو کي سوگھو ڪري ورتو آھي هڪ ڦورو فرار ٿي ويو آھي جنھن جي پويان ون فائيو پوليس جي ٽيم ويل آھي ان ڦورو کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، ايس ايس پي بشير احمد بروهي جي خاص ھدايت تي شھر ۾ مڪمل امن امان بحال ڪرايو وڃي امن امان بحال ڪرائڻ ايس ايس پي بشير احمد بروهي جي اول ترجيح آھي شھر جو امن امان خراب ڪندڙ کي پنھنجي ڪيفر ڪردار تائين ضرور پھچايو ويندو شھر ۾ مڪمل امن امان بحال ڪرائي شھر واسين جو پوليس مٿان مڪمل اعتماد بحال ڪرايو ويندو، ون فائيو انچارج راجا صوبو بنگوار