ڪنڌڪوٽ پلمبري جي ڪم جي بهاني سان گهرايل منهنجي ڳوٺائي ظهير ملڪ جي اغوا جي تصديق، ڌاڙيلن ظهيرملڪ جي زنجيرن سان جڪڙيل تصوير وائرل ڪري ڇڏي

تفصيل موجب تنگواڻي لڳ چار ڏينهن اڳ تنگواڻي ٿاڻي جي حد مانجھي پل وٽ ڪنڌڪوٽ جو رهواسي پورهيت پلمبري جي ڪم بهاني سان گهرايل ظهير ملڪ جي اغوا جي تصديق ٿي وئي آهي ڌاڙيلن ظهير ملڪ جي زنجيرن سان جڪڙيل تصوير وائرل ڪئي وئي آهي جڏهن ته نوجوان جي تصوير وائرل ٿيڻ تي گهر م روڄ راڙو متل آهي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان غريب مسڪين آهيون اسان جو گذر سفر مزدوري تي آهي غريب آهيون جو ڌاڙيلن کي بنگ جا پيسا ڪٿان ڏيون هنن ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي نوجوان ظهير ملڪ کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرائي ڏنو وڃي ڪشمور ضلعي م اغوا ٿي ويل مغوين جو انگ وڌي 30 ٿي ويو آهي مغوين جي گهر م روڄ راڙو متل آهي ڪشمور پولیس مغوين کي بازياب ڪرائڻ م ناڪام ٿي ويا آهن