ڪنڌڪوٽ: پوليس موبائل حادثي جو شڪار، 4 پوليس اهلڪار فوت

ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس جي گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 پوليس اهلڪار فوت، جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. پوليس ذريعن موجب پوليس جي گاڏي انڊس هاءِ وي مڇي بنڊو واري هنڌ تي پيٽرولنگ جي دوران ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب حادثي جو شڪار ٿي وئي ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ٻڌايو ته حادثي ۾ 4 پوليس اهلڪار فوت جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. زخمين کي علاج جي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوت ٿي ويلن ۾ ڪشمور جو رهواسي محمد اسماعيل گبول، جيڪب آباد واسي غلام ياسين لاشاري، سکر واسي سي ٽي ڊي پوليس اهلڪار طالب حسين ۽ وقار احمد لاشاري ٿڏي تي فوت ٿي ويا. حادثي سبب پوليس اهلڪار شاهد پٺاڻ، عبدالحفيظ اوڳاهي ۽ ظهور احمد زخمي ٿي پيا آهن جن کي طبي امداد لاءِ ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو. شهيد پوليس اهلڪارن ۽ زخمي جوانن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان زخمي پوليس اهلڪار عبدالحفيظ اوڳاهي سميت ٻين زخمي اهلڪارن کي سکر منتقل ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪنڌڪوٽ ڀرسان روڊ حادثي ۾ 4 پوليس اهلڪارن جي فوت  ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي پوليس اهلڪارن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.