ڪنڌڪوٽ پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري صنم ميراڻي، سس نظيران، سھرو راضي ميراڻي ساڻ گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايس ايڇ او زياد نوناري اسان کي قتل ڪرڻ چاھي ٿو ٽي ڀيرا منهنجي گھر تي حملو ٿيو گذريل ڏينهن به اسان پنهنجي گھر ۾ ھياسي ماٽيلي ماءُ ۽ ٻين زوري اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اي سيڪشن پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او رفيق کيڙو ڏي داد فرياد کڻي ويس پر ھڪ نه ٻڌي ۽ الٽو چوي ٿو ته اوھان جو ايس ايڇ او زياد نوناري سان مسئلو آهي انھي ڏي وڃون ھي پوليس آهي ڇا انصاف ڪندي زياد نوناري ۽ منهنجي ماٽيلي ڀاءُ نياز کان خطرو آهي اڄ تائين زياد نوناري خلاف ڪو به ايڪشن نه کنيو آهي ايس ايڇ او زياد نوناري منهنجي ڀاءُ نياز کي سکر گھرائي چيو ته تون پنهنجي ڀيڻ صنم ۽ شادي ڪندڙ آصف ميراڻي کي قتل ڪري ڇڏي ھٿيار به ڏيندس ۽ پوليس کان به بچائيندس زياد نوناري ڪرسي جي طاقت سان اسان مٿان ظلم ڪري رھيو آهي جنهن ڪري اسين سنڌ پوليس ۽ اعليٰ اختيارن کان گھر ڪريان ٿي تي اسان کي تحفظ ڏیئي زياد نوناري ۽ سندس ساٿين خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي،