ڪنڌڪوٽ ڀرسان ڳوٺ شاھ ڏنو بنگوار جي رھواسين جو ڳوٺ تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ واري عمل خلاف شڪل خان بنگوار

ڪنڌڪوٽ ڀرسان ڳوٺ شاھ ڏنو بنگوار جي رھواسين جو ڳوٺ تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ واري عمل خلاف شڪل خان بنگوار ـ مظفر بنگوار ـ معشوق بنگوار ـ حاجي جمعو بنگوار جي اڳواڻي ۾ معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي انهيَ موقعي تي مظاھرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته 11 ڏينهن اڳ بنگوار برادري جي ھٿياربندن اسان جي ڳوٺ تي حملو ڪري جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ شوڪت بنگوار ۽ رکيو بنگوار گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا ۽ ھٿياربند گھرن مان ڦر لٽ ڪري 8 مينھون ڪاھي فرار ٿي ويا اھڙي واقعي جو بي ـ سيڪشن ٿاڻي تي جوابدار احمد علي بنگوار ـ محمد حيات بنگوار سميت 16 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي جنهن جي باوجود پوليس ھڪ به جوابدار گرفتار ناهي ڪيو ۽ نه وري جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪا ڪاروائي ڪري رھي آهي ھنن الزام ھڻندي چيو ته پوليس جوابدار ڌر کان پيسا وٺي ڪاروائي نه پئي ڪري ھنن چيو ته جوابدار ڌر اسان کي اڃان وڌيڪ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آهن ھنن آء جي سنڌ ـ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ـ ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ـ