ڪنڌڪوٽ ڀرسان ڳوٺ صيفل ميراڻي ۾ نوجوان ارشد ميراڻي کي کمڀي گم ڪرڻ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف نوجوان جي وارثن جو عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

ڪنڌڪوٽ ڀرسان ڳوٺ صيفل ميراڻي ۾ نوجوان ارشد ميراڻي کي کمڀي گم ڪرڻ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف نوجوان جي وارثن جو عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو آهي ـ ان موقعي تي مظاھرين مسمات روزينا ـ مسمات حسنا ـ مسمات شمائلا ۽ مسمات ڪمالي ميراڻي ميڊيا آڏو داھيندي چيو پوليس اسان جي نوجوان ارشد ميراڻي کي ڪنڌڪوٽ جھولي لال پمنپ وٽآن بناجواز کمڀي گم ڪري ڇڏيو آهي پوليس ظاهر نه ٿي ڪري اڄ يارھون ڏينهن آهي ھو گھران لاپتا آهي خبر ناھي ھن کي ڪٿي رکيو ويو آهي ھنن چيو ته اسين غريب پورھيت ڪاٺيون وڍي گھر جو گذر سفر ڪندا آھيون سندن جا گھر ڀاتي سخت پريشان آهن معصوم ٻار ننڊ به نٿا ڪن بيمار ٿي پيا آهن ڏينهن رات پنهنجي پيء لاء روئيندا وتن پيا ھنن آء جي سنڌ . ڊي آء جي لاڙڪاڻو . ايس ايس پي ڪشمور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل نوجوان ارشد ميراڻي کي ظاھر ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو