ڪنڌڪوٽ چار مھينا کان ڏوھارين ھٿان اغوا ٿيل مغوي محبوب ملڪ کي ڪنڌڪوٽ پوليس ڌاڙيلن جي قيد مان بازياب نه ڪرائي سگهي، مغوي جي بازيابي لاء وارثن جو معصوم ٻارڙين سميت احتجاجي مظاهرو سخت نعريبازي، محبوب ملڪ کي آزاد ڪرايو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھنيا ويا، وارثن ۾ مغوي جو والد منظور احمد ملڪ، نورالله ملڪ، امان الله ملڪ، ۽ جميل احمد ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسين غريب مسڪين مزدور آھيون تڏھن پوليس اسان جي واھر نه ٿئي ڪري، عيد الفطر جي ڏھاڙي ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي ويو ھو، چار مھينا گذارڻ جي باوجود پوليس اڃان تائين بازياب نه ڪرائي سگهي، ايس ايس پي بشير احمد بروهي سان ملڻ جي لاء تيار ناھي، اسان رڳو ڪوڙا ٺلا دلاسا ڏنا پيا وڃن انھن وڌيڪ چيو ته جڏھن اسان مغوي جي بازيابي لاء ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج ڌرڻو ھنيو ان مھل ضلعي انتظاميه اسان کي مغوي جي بازيابي جي خاطري ڪرائي ھئي، ڪرايل خاطرين جي باوجود پوليس ھن مھل تائين مغوي محبوب ملڪ کي بازياب نه ڪرائي سگهي، اسان جي گھر ۾ روج راڙو ڪھرام متل پوليس مغوي جي بازيابي لاء ڪک ڀڄي ٻيڻو ناھي ڪيو، ڏوھارين محبوب ملڪ جي بازيابي لاء لکين روپيا ڀنگ طلب ڪري رھيا آھن ، ڀنگ ڏيڻ جي سگھ ناھي، انھن اعلي اختياريون کان مطالبو ڪندي چيو ته فلفورن نوٽيس وٺي ڏوھارين خلاف ڪارروائي ڪري مغوي محبوب ملڪ کي باحفظات بازياب ڪرايو وڃي، اسان جي گھرن ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي