ڪنڌڪوٽ ڊر؛ ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب ۾ ٽرسٽ فار ڊيموڪريٽڪ ايجوڪيشن ۽ اڪاؤنٽبليٽي جي تعاون سان صحافين جي تحفظ ۽ حفاظت جي حوالي سان پروگرام ٿيو

ڪنڌڪوٽ ڊر؛ ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب ۾ ٽرسٽ فار ڊيموڪريٽڪ ايجوڪيشن ۽ اڪاؤنٽبليٽي جي تعاون سان صحافين جي تحفظ ۽ حفاظت جي حوالي سان پروگرام ٿيو جنهن ۾ سينئر صحافي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻ ناصر زيدي، ٽي ڊي اي آءِ جي نمائندو سيد عبدالاحد، احمد بخش چنہ سميت ٻين چیو تہ سيف ميڊيا جي حوالي سان صحافين جي تحفظ ۽ حفاظت لاءِ حڪومت، صحافي تنظيمن جي اڳواڻن سان ڳالھيون ڪري آزاد صحافت جي راھ ۾ رڪاوٽ قانون ختم ڪيا وڃن وڏن شھرن کان وڌيڪ ننڍن شھرن جا صحافي ھر طرف کان متاثر آهن ادارا ھنن رپورٽرن صحافين کي پگھار نه ٿا ڏين ڪافي ادارا آهن جيڪي رپورٽرن کي ڪارڊ به نه ٿا ڏين پي ايف يو جي ملڪ جي صحافين جي نمائندا تنظيم آهي اندروني سنڌ ۾ صحافت ڪرڻ تمام ڏکيو آهي خاص ڪري ڪنڌڪوٽ ۾ جتي سرداري نظام طاقتور آهي انھي نظام ۾ سچ لکڻ پاڻ کي تڪليف ۾ وجھن برابر آهي صحافين کي مظبوط ڪرڻ لاءِ ھي پروگرام شروع ڪيو آهي جيڪو سنڌ سميت ٻين صوبن جي ڊسٽرڪٽ، تعلقي سطع تي صحافين جا اصل اشوز جي خبر پئجي سگهي انھي دوران صدر پريس ڪلب پيربخش بنگوار، جنرل سيڪريٽري راجا گوپي چند، حفيظ ملڪ، بقا محمد بنگوار، نصیر احمد منگي، غفار منگي، احمد علي مغل، ڪليم اللّٰہ خلجي، دلبر بنگوار، جاوید ملڪ، فخرالدين بلوچ سميت ٻين چيو ته ڪنڌڪوٽ جتي درجنن جي تعداد ۾ سردار رھن ٿا ھتي ھر خبر تي دشمني پيدا ٿين ٿيون ھر ھڪ ادارو خاص ڪري پوليس به صحافي کي تحفظ نه ٿي ڏي آفيسرن کان وٺي ھيٺيان ملازم سڀ سردارن ۽ ڀوتارن جي چوڻ ۾ آهن،