تفصيل موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪشمور اسپتال جو اچانڪ دورو ڪيو اسپتال اندر صحت کاتي جي ڊاڪٽرن ۽ عملي جي غير موجودگي ۽ اسپتال اندر صفائي نه هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو صحت هر عام ماڻهون جي بنيادي ضرورت آهي ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڏني ته اسپتال اندر صحت حوالي سان تمام گهرجون پوريون ڪيون وڃن ۽ صفائي جو پڻ خاص خيال رکيو وڃي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جوڊشنل لاڪپ ڪشمور جو پڻ اچانڪ دورو ڪندي عملي جي موجودگي جو جائزو ورتو سندس چوڻ هو ته قيدين کي صاف ۽ مٺي پاڻي ۽ معياري کاڌ خوراڪ جي فراهمي کي يقيني بنايو وڃي جوڊشنل لاڪپ اندر صفائي جو پڻ خاص خيال رکيو وڃي .