ڪنڌڪوٽ: ڌاڙيلن جي وڏي ڪاروائي سبب اغوا ٿيل نو ڄڻن جي بازيابي لاءِ پوليس ۽ رينجرس ڪشمور جي ڪچي ۾ لٿل ڏوھارين ۽ پوليس جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ مغوين جي بازيابي لاءِ تائين آپريشن جاري رھندو.ايس ايس پي بشير احمد بروھي

تفصيل موجب؛ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڌاڙيلن گينگ پاران ٻہ ڏينهن اڳ ڪشمور ٿاڻي جي حد ملڪ لاڙو انڊس ھاءِ وي تي اچي مختلف گاڏين مٿان ڪاھ ڪري بي خوف ٿي فائرنگ ڪري گوليون ھلايون جنهن ڪري چار ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ نو ڄڻن کي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا ڌاڙيلن جي اھڙي ڪاروائي قانون جي رٽ ۽ سيڪيورٽي ادارن کي سري عام چيلنج آهي واقعي بعد پوليس ۽ رينجرس ڪچي ۾ لٿل آهي گيھلپور جي ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرس جا اٽالا ايس ايس پي بشير احمد بروھي جي اڳواڻي ۾ اي پي سي چين، بڪتر بند گاڏين سميت جوان ڪچي ۾ ڏوھارين سان مقابلي لاءِ ميدان تي لٿل آهن پوليس ۽ ڏوھارين جي وچ ۾ فائرنگ جي به ڏي وٺ ٿي آهي انھي حوالي سان ايس ايس پي بشير بروھي سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڌاڙيلن جي خلاف ڪاروائيون تيز ڪیون جنهن ڪري پوليس کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪاروائي ڪئي آهي انڊس ھاءِ وي کان ھڪ ھي وقت نو ڄڻن کي اغوا ڪيو آهي جنهن بعد پوليس ۽ رينجرس ساڻ ڪري آپريشن ڪري رھيا آيون ڏوھارين جا گھيرگھٽ بند ڪري ڇڏيا آهن جلد مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو ھي آپريشن مغوين جي بازيابي تائين جاري رھندو،