“ڪنڌڪوٽ: ڌرتي ڌڻي تحريڪ پاران ڀتاخوري، بدامني ۽ سنڌو درياء تي ڇھ ڪينال ڪڍڻ خلاف احتجاجي مارچ”

ڪنڌڪوٽ ڌرتي ڌڻي تحريڪ پاران ضلعي ۾ ڀتاخوري بدمعاشي بدامني ۽ سنڌو درياء تي ڇھ ڪينال ڪڍڻ واري عمل خلاف گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ان موقعي تي ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي چيئرمين قادر چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته سردارن وڏيرن سنڌ جو امن تباھ ڪيو آهي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ امن امان خراب ۽ ڏوھاري راڄ آهي جنهن جي پويان به سردار ـ جاگيردار ـ وڏيرا شاھي ملوث آهي ڌرتي واسي مجبورن لڏپلاڻ ڪن پيا ڪنڌڪوٽ شھر سميت ضلعو تباھ ٿي رھيو آهي سنڌو درياء جي مٿان ڪينال دشمني آهي جيڪا سنڌ واسي ڪڏھن به قبول نه ڪندا حڪومت ڪنڌڪوٽ سميت سنڌ ۾ امن امان قائم ڪري سنڌو درياء مان ڪينال ڪڍڻ جو منصوبو روڪيو وڃي