ڪنڌڪوٽ ڪجھ ڏينھن اڳ پوليس هٿان گرفتار ٿيل ڳوٺاڻو پپو بهلڪاڻي پولیس جي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ڪجھ ڏينھن اڳ پوليس هٿان گرفتار ٿيل ڳوٺاڻو پپو بهلڪاڻي پولیس جي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو جيڪو رات جو دير سان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي آندو وارثن پاران لاش کڻي صبح جو سوير سان شڪارپور ء ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن پولیس جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ڌرڻي سبب سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي مسافر سخت پريشان رهيا ان موقعي تي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس اسان جي نوجوانن کي گرفتار ڪري وئي پيسا نه ڏيڻ تي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو پوليس جي تشدد سبب اسان جو نوجوان پپو بهلڪاڻي فوت ٿي ويو آهي هنن وڌيڪ چيو ته نوجوان به اسان جو فوت ٿي ويو آهي پوليس به اسان کي موت مار جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ء ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ٿا ڪيون ته واقعي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت سخت کان سخت احتجاج ڪيو ويندو