ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس جي ڪامياب آپريشن ھڪ ھفتو اڳ ڏوھارين ھٿان انڊس هاءِ وي دبئي ھوثل جي نزديڪ ھٿيارن جي زور تي عرفان علي ولد تاج محمد ميراڻي کي اغوا ڪري ڪچي واري علائقي ڏانهن کڻي ويا

ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس جي ڪامياب آپريشن ھڪ ھفتو اڳ ڏوھارين ھٿان انڊس هاءِ وي دبئي ھوثل جي نزديڪ ھٿيارن جي زور تي عرفان علي ولد تاج محمد ميراڻي کي اغوا ڪري ڪچي واري علائقي ڏانهن کڻي ويا هئا ايس ايس پي بشير احمد بروهي جي نگراني ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ ڪالھه کان جمال ٿاڻي جي حد واري ڪچي واري علائقي م پوليس جو آپريشن آپريشن ۾ 100 کان وڌيڪ آفيسر پوليس اهلڪارن 2 اي پي سي چين 2بڪتربند گاڏي 10 کان وڌيڪ پوليس موبائيل گاڏي حصو ورتو آپريشن دوران ڏوهارين پوليس مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ شروع ڪري ڏنو پوليس جي جوابي فائرنگ کانپوءِ ڌاڙيل گهر خالي ڪري پوليس مٿان فائرنگ ڪندي مغوي عرفان علي ولد تاج محمد ميراڻي کي ڇڏي ڪچي واري علائقي طرف فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا مغوي عرفان علي ميراڻي جا وارث بازيابي تي ايس ايس پي آفيس پھچي ايس ايس پي بشير احمد بروهي سي آء اي ضلعي جي انچارچ اربيلوخان بنگوار کي خوشي مان ھار پرائي مبارڪباد پيش ڪيو ان موقعي تي مغوي کي وارثن جي حوالي ڪيو ويو مغوي جي بازيابي تي ضلعي جي عوام ۾ خوشيون ڇائجي ويو ان موقعي تي ايس ايس پي بشير احمد بروهي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي اندر وڌندڙ بدامني کي روڪڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رھيا آھيون ھت جا حالتون انتھائي خراب آهن پوءِ به انشاء الله ڏوھارين ۽ انهن جي سھوليتڪارن ڪارن خلاف ڪچي ۽ پڪي وارن علائقن ۾ آپريشن ڪري ڏوھارين جو خاتمو آڻي ضلعي جو امن امان جي صورتحال بھتر ڪيو ويندو ھن وقت پوليس کي ڏکائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پر پوءِ به پوليس جي جوانن جا حوصلا بلند آهن منهنجي اچڻ کان اڳ اغوا ٿيل سڀني مغوين کي انشاء الله جلد ڏوھارين مٿان ڪاروائي ڪري مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو ڏوھاري ڪيترا به طاقتور ڇو نه ھجن انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري قانون جي ڪٽهڙي م آندو ويندو