ڪنڌڪوٽ PS. 5 JUI جي اميدوار حافظ ربنواز چاچڙ جي حمايت ڪئي سردار حاجي خان چاچڙ اليڪشن ورڪ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪنڌ ڪوٽ جي عوام کي گذارش ڪئي ته پيپلزپارٽي سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي ۽ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي. جيڪڏهن محترمه بينظير ڀٽو زندھ ھجي ھا ته مان ايم پي اي ھجان ھا. ڇو ته محترمه بينظير ڀٽو مونکي 3 دفعا ايم پي اي جي ٽڪيٽ ڏني ۽ مان 3 دفعا ايم پي اي ٿيس. مان ڪنڌڪوٽ غوثپور ۽ بڊاڻي جي عوام کي گذارش ڪيان ٿو ته مھرباني ڪري حافظ ربنواز چاچڙ کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪندا ۽ حافظ ربنواز چاچڙ توهان جا مسئلا مسائل حل ڪندو. ان موقعي تي پي ايس 5 جمعيّت علماء اسلام جي اميدوار حافظ ربنواز چاچڙ پنھنجي چيف سردار الحاج حاجي خان چاچڙ جو شڪريو ادا ڪيو. حافظ ربنواز چاچڙ جو چوڻ هو ته ڪنڌڪوٽ غوثپور ۽ بڊاڻي جي عوام مونکي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري. ته جيئن انهن جا بنيادي مسئلا حل ڪري سگھون. مختلف روڊ رستا تباھ آهن. صفائي جو نظام درھم برھم آهي. صحت ۽ تعليم تباهه آهي. امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي. انشاء الله ڪامياب ٿي پنهنجي عوام جا مسئلا حل ڪندس.