ڪنڌڪوٽ ۾ چوٽ چڙھيل بدامني خلاف ۽ امن جي بحالي لاء مختلف پارٽين جي سڏ تي غلام مصطفي ميراڻي ـ

ڪنڌڪوٽ ۾ چوٽ چڙھيل بدامني خلاف ۽ امن جي بحالي لاء مختلف پارٽين جي سڏ تي غلام مصطفي ميراڻي ـ ظريت بجاراڻي ـ حافظ نصر الله چنا عبيدالله گولو ڊاڪٽر ميھر چند ـ ڊاڪٽر سريش جي اڳواڻي ۾ شھرين گھنٽاگھر چوڪ کان اڇا جھنڊا ھٿن ۾ کڻي امن ريلي پريس ڪلب تائين ڪڍي ـ امن کپي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته ڏوھاري ٽولا سرعام ڏينهن ڏٺي جو روڊن رستن تان شھرين ڳوٺاڻن کان ڦر ڪري فرار ٿي وڃن ٿا ـ پوليس اھلڪارن ـ شھرين ـ ڳوٺاڻن ۽ پورھيتن کي اغوا ڪري کڻي وڃن ٿا جنهن ڪري عوام خوف پکڙيل آهي پوليس جا عملدار ڏوھارين خلاف اثرائتي ڪاروائي نه ڪري سگهي آهي جنهن ڪري رھواسي ڏينهن توڙي رات جو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ڪري پنهنجي گھرن تائين محدود ٿي ويا آهن ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن خلاف فوري طور تي آپريشن ڪري ڏوھارين جو خاتمو آڻي ڪنڌڪوٽ واسين کي امن سان زندگي گذارڻ جو بنيادي حق ڏنو وڃي