ڪنڌڪوٽ ۾ چوٿون ڏينهن به اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڌرڻو، جي يو آءِ ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران چوٿين ڏينهن به ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو

ڪنڌڪوٽ ۾ چوٿون ڏينهن به اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڌرڻو، جي يو آءِ ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران چوٿين ڏينهن به ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو، اين اي 191 تي عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف جي يو آءِ ڪارڪنن سياسي سماجي اڳواڻن طرفان احتجاج مظاهرو ڌرڻو هنيو ويو اڳواڻن ۾ شمس الدين ڀيري. حافظ سعيد احمد چاچڙ. خان محمد ملڪ. جمال الدين اوڳاهي. محمد ابراهيم خاڪي. ظریت بجاراڻي. اسد الله اوڳاهي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اين اي 191 جي سيٽ تي جي يو آءِ اميدوار شاهه زين خان بجاراڻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، جنهن جا نتيجا رٿابندي تحت تبديل ڪيا ويا آهن.۽ پ پ جي اميدوار جي حق ۾ نتيجو ناقابل برداشت آھن. اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو اليڪشن ڪميشن کي اين اي 191 تي ڌانڌلي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي حق حقدارن حوالي ڪيو ويو ٻئي صورت ۾ احتجاجي مظاهرا ڌرڻا جاري رھندا ان موقعي تي ڪھن اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا. رينجرز،پوليس جي وڏي نفري تعينات ڪئي وئي