ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي تي حملو، 2 اهلڪار شهيد، 2 زخمي

ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيلن طرفان پوليس چوڪي  تي حملي سبب 2 پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ ددڙ چيڪ پوسٽ تي ڌاڙيلن حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پوسٽ تي موجود 2 اهلڪار شهيد جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. پوليس موجب ڌاڙيل فائرنگ ڪندي ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي پوليس موجب ڌاڙيلن جي فائرنگ کان پوءِ علائقي ۾ وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي ۽ سرچ آپريشن جاري آهي جڏهن ته علائقي ۾ پوليس جي نفري جو انگ به وڌايو ويو آهي. ايس ايس پي بشير بروهي جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏي نفري ڪچي ۾ پهچي ناڪا بندي ڪري ڇڏي آهي، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري جي مارجي وڃڻ جا پڻ اطلاع آهن.   شهيد اهلڪارن ۾ الله ڏنو سبزوئي ۽ نثار احمد کهڙو شامل آهن. جڏهن ته زخمين ۾ زاهد نصيراڻي ۽ انور چنا شامل آهن. پوليس شهيد اهلڪارن جا مڙهه ۽ زخمين کي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيو ويو آهي.