ڪنڌ ڪوٽ جي گلشير محلا جي رهواسي پورهيت الاهي بخش ميراڻي ڪلام پاڪ کڻي احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ هفتو پهرين رات جي وقت منهنجي گهر ۾ چار کان وڌيڪ هٿياربند داخل ٿي هٿيارن جي زور تي منهنجي گهرواري مسمات شرما کي ٻن پٽن عبدالغفار صفدر ۽ ٻن نياڻين رخسان ۽ سميرا کي اغوا ڪري کڻي ويا جنهن بعد اسان هٿيار بندن جو پيڇو ڪيو ته اهي ڊومڪي برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهون نڪتا جن جي خلاف ڪنڌڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ وياسين پر انهن ڪن لاٽار ڪندي لاچاري ڏيکاري ڇڏي متاثر پورهيت دانهيندي چيو ته منهنجي گهر داخل ٿيندڙ علي مراد عرف گوڪل ڊومڪي وقار ڊومڪي اسرار ڊومڪي اقرار ڊومڪي ۽ ٻياشامل آهن هن چيو ته ڊومڪي برادري بااثر آهن جن منهنجي گهرواري ۽ ٻن پٽن کي تشد ڪرڻ بعد نياڻين سان ڪورٽ سڳوري ۾ نڪاح ڪيو آهي پر منهنجي نياڻين جي عمر هڪ جي ٻارهن سال ۽هڪ جي تيرهن سال آهي جن جي عمر ننڍي آهي هن چيو ته مونسان ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ اڳتي نٿو اچي ان باوجود آء ميراڻي برادري جي معزز ين سميت خاص ڪري ماجد ملاح کي هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪريان ته منهنجي هن ڏکئي وقت ۾ مون سان ساٿ ڏين ان سان گڏوگڏ سنڌ جي وڏي وزير ۽ اعلي اختيارين کي اپيل ڪريان ٿو ته منهنجي سان انصاف ڪيو وڃي