ڪنڌ ڪوٽ ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصر الله گڏاڻي تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاء پريس ڪلب جي صحافين جنرل

ڪنڌ ڪوٽ ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصر الله گڏاڻي تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاء پريس ڪلب جي صحافين جنرل سيڪريٽري راجا گوپي چند ـ علي حسن ملڪ۔ ۔ بقا محمد بنگوار ـ مسعود عالم سومرو ـ غلام ياسين لاشاري ـ ممتاز سنڌي۔ احمد علي مغل ـ نصير منگي عبدالخالق چاچڙ ـ فخرالدين بلوچ ـ سليم ميراڻي ـ لطيف ميرالي ـ قدرت الله ميراڻي نادر شيخ مھتاب منگي محمد بخش شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھرين سخت نعريبازي ڪندي چيو ته صحافين کي حق سچ لکڻ تي ھميشا نشانو بڻايو ويو آهي نصر الله گڏاڻي کي به سماج دشمن ـ علم دشمن وڏيري ۽ سردار قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي انھي وقت نصر الله زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ آهي فوري سنڌ حڪومت ـ وس وارا حياتي بچائيڻ لاء قدم کڻي ۽ حملو ڪندڙ جوابدارن ۽ سرپرستي ڪندڙ سھولتڪارن کي گرفتار ڪري صحافين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي