ڪنڌ ڪوٽ پريس ڪلب آڏو ڳوٺ شيران خان ڀيو جي رھواسين متاثر خاندان مسمات مھر ناز ـ عبدالطيف ڀيو ـ زوھيب ڀيو ـ ظھير ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي زرعي زمين تي باجڪاڻي برادري پاران قبضو ڪرڻ جي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته اسان شريف ڳوٺاڻا آھيون اسان جي 15 جريب زمين آهي جنهن تي باجڪاڻي برادري جي عبدالستار ـ خاوند بخش ـ صديق۔ امداد ۽ ٻين گڏجي ڪري زبردستي اسان جي زمين تي قبضو ڪيو آهي جنهن ڪري اسين علائقي جي سمورن معززين سردارن ـ برادرين جي چڱن مڙسن ڏي به وياسي ضلعي انتظاميا ۽ پوليس انتظاميا به اسان جي حق فيصلو ڏنو پر پوء به اسٽنٽ ڪمشنر اختر باجڪاڻي جي آشيرواڌ سان اسان کي زمين ۾ پاڻي ڇڏڻ نٿا ڏين جنهن ڪري گذريل ٻن سالن کان زرعي زمين غير آباد آهي باجڪاڻي برادري خوني جيھڙو ڪرائڻ چاھين ٿا اسين تعليم يافتا آھيون جنهن ڪري جيھڙن جڳھڙن کان پري آھيون اسين پرامن احتجاج ذريعي ڊي سي ڪنڌ ڪوٽ ـ ايس ايس پي ڪنڌ ڪوٽ ـ ضلعي جي چونڊيل عوامي نمائيندن ۽ وس وارن کان اپيل آهي ته اسان جي زمين تي قبضو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري اسان جي زمين آباد ڪرڻ ڏني وڃي