ڪنڌ ڪوٽ چار ڏينهن گذرڻ باوجود به ميونسپل ڪميٽي جي سي ايم او برسات جو پاڻي شھر مان ڪڍرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي صرف شهر جي مين چوڪ چوراھن جو پاڻي نيڪال ڪري فوٽو سيشن ڪري ڪنڌ ڪوٽ جي اٻوجھ ماڻهن کي اھو باور ڪرايو ويو ته اسان ڪنڌ ڪوٽ جي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيون پيا نڪتل پاڻي وٽ وڏيون وڏيون مشينون بيھاري بند ڪري ايمرجنسي ھوندي به وڃي ايئرڪنڊيشز ڪمرن ۾ ويھي فونن تي رابطو رکي غريبن ننڊن ملازمن جي مٿان داٻو ڪيون ويٺا آهن سرڪاري گاڏين تي ايئرڪنڊيشز ۾ ويھي وزٽ شھر جي مختلف علائقن مان ڪن ھا ته ھي معصوم گلن جھڙو ٻار ماءُ پيءُ کان جدا ڪونه ٿئي ها ڊپٽي ڪمشنر امير فضل اويسي ان جو نوٽيس وٺي انڪوائري ڪميشن ويھاري وڃي تاڪي آمڙ ۽ پي جي دلين کي سڪون ملي سگهي صحافي غلام سرور شيخ جو ڀائٽيو ۽ پوليس اهلڪار آصف رضا شيخ جو نو سالا معصوم پٽ نصيب ﷲ شيخ اسٽيشن لڳ پاڻي جي تلاء ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. سندس جي ڏک جي گهڙي ۾ کين برابر جا شريڪ آهيون