ڪنڌ ڪوٽ ڌاڙيلن جي وڏي ڪاروائي انڊس ھاءِ وي مان ھڪ ھي وقت مختلف گاڏين مان نو ڄڻا اغوا ڪري ويا

تفصيل موجب؛ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ بدامني جي باهه ٻري پئي ڪشمور لڳ ملڪ لاڙو تي رات دير سان ھٿياربند ڏوھاري ٽولي ايندڙ ويندڙ مختلف گاڏين مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن ڪري خوف و حراس پکڙجي ويو گوليون لڳڻ ڪري 6 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا ھئا جن کي ڪشمور اسپتال نيو ويو جتان رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو ڏوھارين جي پوليس ۽ سيڪیورٽي ادارن کان بي خوف ٿي ڪري ساڳي ھنڌ تي مختلف گاڏين مان نو ڄڻن کي اغوا ڪري ويا جنهن ۾ گاڏي نمبر 3785 مان محمد عيفان بھاول نگر پنجاب، محمد اڪرم ھارون آباد پنجاب، گاڏي نمبر 407 مان محمد اللّٰه ۽ محمد شاھد رحيم يار خان پنجاب، گاڏي نمبر 3184 مان ڪنڌڪوٽ واسي لياقت علي گھنڃو ، لياقت چنہ، غلام قادر ھاشمي جڏھن ته گاڏي نمبر 2748 مان خرم شھزاد، شعيب اغوا ٿي ويا واقعي جي اطلاع تي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڏوھارين جي پويان رواني ٿي وئي جنهن کي اڃان تائين ڪا به ڪاميابي نه ملي آهي اغوا ٿيلن جي وارثن ۽ ڊرائيورن سري عام ڏوھارين جي ڪيل انڊس ھاءِ وي تي واردات خلاف صبح کان وٺي واقعي واري ھنڌ گڏجي احتجاجي ڌرڻو ھڻي سنڌ کان پنجاب ۽ بلوچستان ڏي ايندڙ ويندڙ رستو بند ڪري ڇڏيو رستو بند ھجڻ ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون آهن گاڏين ۾ مسافرن سميت عملي کي به سخت سردي ۾ وڏي پريشاني مان گذرڻو پيو جڏھن ته تنگواڻي ٿاڻي جي حد مان چوڪيدار مورخان گجراڻي کي به ڏوھاري ھٿياربند ٽولو اغوا ڪري کڻي ويا ھڪ ھي رات ڏھه ماڻھو اغوا ٿيڻ بعد ضلعي جي عوام ۾ خوف و حراس وارو ماحول پيدا ٿي ويو اليڪشن ويجھو ايندي ئي ڌاڙيلن جي وڏي ڪاروائي تي ضلعي جي عوام ۾ خوف ۽ ڳڻتي پيدا ٿيل آهي،