بلوچستان جي وادي زيارت ۽ ڀرپاسي ۾ برفباري سبب موسم وڌيڪ ٿڌوٿي ويو آهي. رپورٽ موجب بلوچستان جي وادي زيارت ۽ ڀرپاسي ۾ برفباري سبب موسم وڌيڪ ٿڌو ٿي ويو آهي. زيارت شهر ۾ هينئر تائين 3 انچ برف پئجي چڪي آهي. موسميات کاتي موجب چمن، قلعه عبدالله، پشين جي مٿانهين علائقن ۾ برفباري سبب رابطي جا روڊ متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب چمن ۽ ڀرپاسي ۾ تيز برسات پئي آهي برسات کان پوءِ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. جنهن سبب اين 25 چمن، ڪوئٽه، ڪراچي شاهراهه تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب چترال، دير، سوات، ڪوهستان، شانگله، بٽگرام، مانسهره، ايبٽ آباد، هري پور، مالاڪنڊ، بونير، باجوڙ، مهمند، خيبر، اورڪزئي ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي