ڪوئٽه: پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ جو عمل جاري

ڪوئٽه جي تڪ پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ جو عمل جاري آهي. جيڪو شام جو پنجين وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندو. صوبائي اليڪشن ڪمشنر موجب پي بي 45 تي ٻيهر پولنگ جي لاءِ 15 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. مذڪوره پولنگ اسٽيشنن جي ڀرسان سيڪيورٽي کي الرٽ ڪيو ويو آهي. پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي 16855 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، پولنگ اسٽيشنن تي ري پولنگ جي لاءِ گڏيل طور تي 51 پولگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن. صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته پي بي 45 جي سمورين پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. پولنگ اسٽيشنن تي سيڪيورٽي جا به فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن. تڪ ۾ پ پ، پشتونخواهه ميپ، پي ڪي نيپ ۽ جمعيت جي اميدوارن ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي. پشتونخواهه نيشنل عوامي پارٽي جو نصرالله زهري ۽ پشتونخواهه ميپ جا مجيد خان اچڪزئي اميدوار آهن. ياد رهي ته بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي بي 45 ڪوئٽه مان 8 فيبروري 2024 تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي علي مدد جتڪ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، پر انهي جي ڪاميابي کي جي يو آءِ(ف) جي اميدوار مير عثمان پرڪالي اليڪشن ٽربيونل ۾ چيلينج ڪيو هو. اليڪشن ٽربيونل بلوچستان جي تڪ پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏنو هو جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ به پي بي 45 بابت اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف داخل اپيل رد ڪري ڇڏي هئي.