ڪراچي ۾ ڊمپرز خوف جي نشاني بڻجي ويا، ڪورنگي ابراهيم حيدري کان ڪراسنگ ڪندڙ تيز رفتار ڊمپر موٽر سائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 نوجوان فوت ٿي ويا. رپورٽ موجب حادثي کان پوءِ موقعي تي موجود شهري مڇرجي پيا، جن ڊمبر کي باهه ڏئي ڇڏي، فوت ٿي ويل نوجوانن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جن ۾ آصف ۽ امجد جيلاني جي سڃاڻپ ڪئي وئي، ٽئين نوجوان جي سڃاڻپ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ مڇريل مڻهن کي موقعي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن ته ڊمپر جو ڊرائيور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جنهن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي. پوليس ڊمپر ۾ لڳل باهه کي وسائڻ جي لاءِ فائر برگيڊ کي به طلب ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن کان ڪراچي ۾ تيز رفتار ڊمپرز ۽ واٽر ٽينڪرز جي ڪري موٽر سائيڪل سوارن ۽ ڪار سوار شهرين کي چيڀاٽڻ جي واقعن ۾ روزاني جي حساب سان اضافو ٿي رهيو آهي.