“ڪوٽ مير محمد: بيڪو مشين چوري ڪندي چور سوگھو، چار فرار”

پريالوءِ ويجھو يوسي ڪوٽ مير محمد جي پيپلزپارٽي جي صدر حاجي عبدالستار ڀٽو جي ڀاڻيجي عبدالجبار ڀٽو جي زرعي زمين مان بيڪو مشين چوري ڪندي هڪ چور کي سوگھو ڪيو ويو. فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ واهڻ ڀٽا ٻاهران زرعي زمين ۾ لڳل بيڪو مشين چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڳوٺاڻن فوري طور پهچي هڪ چور کي سوگھو ڪري ورتو. سوگھو ڪيل چور جي سڃاڻپ وحيد پٽ امير علي اوڍو طور ٿي آهي، جڏهن ته چار نامعلوم چور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا . ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته پوليس گشت دوران اطلاع ملڻ تي ڳوٺاڻن سان گڏجي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران هڪ چور ۽ رڪشا لوڊر هٿ ڪيو ويو. باقي فرار ٿيل چورن جي تلاش جاري آهي