ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور ۾ ”حفظِ حديث“ جي شاندار تقريب ٿي گذري هن پروگرام جو مهمان خاص ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور جو پرنسپال پروفيسر محمد هاشم ميمڻ هئا پروگرام جي شروعات قرآن مجيد جي تلاوت سان ڪئي وئي ان کان بعد جناح هائوس, اقبال هائوس ۽ شهباز هائوس جي ٽيمن وچ ۾ ”ڪوئيز“ مقابلو ٿيو جنهن ۾ ”جناح هائوس ۽ اقبال هائوس“ جي ٽيمن کي گڏيل طور تي ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏهن ته”حديث “جي مقابلي ۾ پڻ ”جناح هائوس ۽اقبال هائوس“ جي ٽيمن کي گڏيل طور تي ڪامياب قرار ڏنو ويو. جڏهن ته سنڌي ٻولي جي تقريري مقابلي جناح هائوس ۽ اقبال هائوس جي ڪيڊٽس شاندار تقريرون ڪرڻ تي گڏيل طور تي ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏهن ته اردو ۽ انگريزي ٻولي ۾ شاندار تقريرون ڪرڻ تي شهباز هائوس جي ڪيڊٽس کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. آخر ۾ ڪامياب ڪيڊٽس ۽ ٽيمن کي پروگرام جي خاص مهمان ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور جي پرنسپال پروفيسر محمد هاشم ميمڻ انعام ڏنا ۽ ڪيڊٽس سان مخاطب ٿيندي چيو ته اڄ ڪيڊٽس جي شاندار ڪارڪردگي ڏسي دلي خوشي ٿي آهي, هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪيڊٽس جي ذهني ۽ جسماني واڌ ويجھ لاءِ ڪاليج اندر صحتمند ماحول جوڙيو آهي. جتي مختلف سرگرمين ذريعي ڪيڊٽس جي حوصلاافزائي ڪئي وڃي ٿي. مان ڪاليج ۾ پڙهندڙ سڀني ڪيڊٽس کي تنبيھ ٿو ڪريان ته ڪاليج اندر ٿيندڙ سمورين سرگرمين ۾ حصو وٺن. ڪامياب ۽ شاندار پروگرام منقعد ڪرڻ تي پروگرام جي انچارج ۽ سمورن ليڪچرارن کي مبارڪ ڏني