پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي حڪومت پنهنجي صوبي جي عوام جي خدمت ڪرڻ بجاءِ انتهاپسندي واري سياست ۾ مصروف آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي حڪومت جا انتهاپسندي جا ڪرتوت صوبي جي عوام ڀوڳي رهي آهي. پ پ چيئرمين چيو ته خيبرپختونخواهه جي حڪمران پارٽي کي اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي. پر انهن انڪار ڪري ڇڏيو، اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته خيبرپختونخواهه جي حڪومت پنهنجو فرض ادا نه ڪيو. بلاول ڀٽو خيبرپختونخواهه جي گورنر طرفان سمورين سياسي پارٽين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ واري قدمن جي تعريف ڪئي. ياد رهي 2 ڏينهن اڳ پشاور ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي ميزباني هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي هئي جنهن ۾ مسلم ليگ(ن)، پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ قومي وطن پارٽي سميت ٻين سياسي پارٽين شرڪت ڪئي هئي.