ڪُرم: بگن ۾ جاري آپريشن دوران وڏي تعداد ۾ غيرقانوني هٿيار هٿ

ڪُرم جي علائقي بگن ۾ جاري آپريشن جي دوران وڏي تعداد ۾ غيرقانوني هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. ضلعي انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڪرم جي علائقي بگن مان 19 کان 21 جنوري تائين ضلعي انتظاميه، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن انٽيليجنس جي بنياد تي ٽارگيٽيڊ ڪارروايون ڪيون جنهن دوران وڏي تعداد ۾ غير قانوني هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. ضلعي انتظاميه موجب مقامي اڳواڻن ۽ ماڻهن آپريشن جي دوران تعاون ڪيو ۽ ڄاڻ جي فراهمي کي يقيني بنايو، اها ڪاميابي علائقي ۾ دير تائين امن جي قيام ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ هڪ اهم قدم آهي. ضلعي انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڌرين جي صحيح ٿيل معاهدي موجب شرپسندن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي. ضلعي انتظاميه موجب علائقي ۾ امڪاني طور تي عام واهپي وارين شين جو سامان کڻي قافلو اڄ پارا چنار جي لاءِ روانو ٿيندو.