ڪُرم ضلعي ۾ دوائن جي کوٽ سبب 100 ٻارن جي فوت ٿيڻ جون خبرون بي بنياد آهن: بيرسٽر سيف

 خيبرپختونخواهه جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر سيف چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي ڪرم ضلعي ۾ دوائن جي کوٽ سبب 100 ٻارن جي فوت ٿيڻ جون خبرون بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيون آهن، سموريون ضروري دوائون روزاني جي بنياد تي  ڪُرم ضلعي ۾ پهچايون پيون وڃنرپورٽ موجب ڪي پي ڪي جي اطلاعات واري صلاحڪار بيرسٽر سيف پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سموريون ضروري دوائون روزاني جي بنياد تي ڪرم ضلعي ۾ پهچايون پيون وڃن.  ڪجهه شرپسند عناصر عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن.هن چيو ته حڪومت عوام جي تحفظ ۽ امن جي قيام کي اولين ترجيح ڏئي ٿي. عوام کي اپيل آهي ته اهڙي هٿ ٺوڪين ۽ بي بنياد خبرن تي يقين نه ڪن، ڪرم ضلعي ۾ سمورين بنيادي ضرورتن کي اوليتن جي بنيادن تي پورو ڪيو پيو وڃي.